حسين الفوائد و احسن تعليم الانبياء

حسين الفوائد و احسن تعليم الانبياء (ڪتاب): هيءُ ڪتاب هالن پراڻن جي عالم ۽ استاد آخوند محمد حسن سانوڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ تعليم ۽ تدريس بابت هدايتون آهن. آخوند محمد حسن پهرين رمضان 1293هه/1876ع تي لکي پورو ڪيو. هن ڪتاب جي لکڻ پويان مصنف جو اصل مقصد هو سنڌيءَ ذريعي فارسي لفظن جون معنائون آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچن. ڊاڪٽر بلوچ ڪتاب جو اوائلي قلمي مسودو ڏٺو هو. جنهن ۾ الفاظ ”الف ب وار“ نه هئا، بلڪ بي ترتيب قلمبند ٿيل هئا. هن ڪتاب کي ڊاڪٽر بلوچ سنڌي لغات جو هڪ چڱو وڏو ذخيرو قرار ڏنو آهي. جنهن مان ڪن سنڌي لفظن جي ماهيت ۽ معنيٰ وڌيڪ چٽائيءَ سان معلوم ٿئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو